چين جي ٽيم 22 سالن کان پوءِ اي ايف سي انڊر 17 ايشين ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي

جده- 20 مئي (اي پي پي) چين اي ايف سي اندر 17 ايشين ڪپ جي سيمي فائنل ۾ اسٽريليا کي 0-2 گول تان شڪست ڏئي 22 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ميچ جي شروعات کان چين جي ٽيم بهترين راند کيڏي، آسٽريلوي ٽيم جي دفاعي لائن پهرين هاف ۾ ڪو به گول نه ڪرڻ ڏنو. چين کي ميچ ۾ برتري 49 …

جده- 20 مئي (اي پي پي) چين اي ايف سي اندر 17 ايشين ڪپ جي سيمي فائنل ۾ اسٽريليا کي 0-2 گول تان شڪست ڏئي 22 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ميچ جي شروعات کان چين جي ٽيم بهترين راند کيڏي، آسٽريلوي ٽيم جي دفاعي لائن پهرين هاف ۾ ڪو به گول نه ڪرڻ ڏنو. چين کي ميچ ۾ برتري 49 منٽن ۾ ملي جڏهن شوائي ويها زويونو وٽ شاندار گرائونڊ شاٽ کيڏندي بال ڄاري ۾ پهچائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ٽيم کي آسٽريليا خلاف 0-1 جي ڪاميابي ڏياري. آسٽريليا جي ٽيم مقابلو برابر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ، پر چيني ٽيم بهتر دفاع ۽ جوابي حملن سبب ڪاميابي برقرار رکي. چين جي ٽيم هاڻي جمعي تي فائنل ۾ جاپان سان مقابلو ڪندي. واضح رهي ته گروپ مرحلي ۾ جاپان چين کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي ڇڏيو هو. ڪوچ بن اوڪيشيما جو چوڻ هيو ته ٽيم ان شڪست مان سبق سکيو آهي ۽ فائنل لاءِ مخالف طاقت ۽ پنهنجي حڪمت عملي موجب تياري ڪئي ويندي.

مزید خبریں