جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي سهڪار سان رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ ڀائي خان گهانگهرو ۽ ڳوٺ زنگيجا ۾ تعمير ڪيل گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪولن جي حوالگي واري تقريب منعقد

لاڙڪاڻو- 19 مئي (اي پي پي) جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي سهڪار سان رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ ڀائي خان گهانگهرو ۽ ڳوٺ زنگيجا ۾ تعمير ڪيل گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪولن جي حوالگي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران ڄاڻايل ٻنهي اسڪولن کي اڳ ئي سنڌ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران ايليمينٽري اسڪولن جو درجو ڏنو ويو هو ته جيئن پنجين جماعت کانپوءِ ٻارن جي اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽائي …

لاڙڪاڻو- 19 مئي (اي پي پي) جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي سهڪار سان رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ ڀائي خان گهانگهرو ۽ ڳوٺ زنگيجا ۾ تعمير ڪيل گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪولن جي حوالگي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران ڄاڻايل ٻنهي اسڪولن کي اڳ ئي سنڌ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران ايليمينٽري اسڪولن جو درجو ڏنو ويو هو ته جيئن پنجين جماعت کانپوءِ ٻارن جي اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽائي سگهجي ۽ علائقي ۾ تعليم کي هٿي ملي سگهي. تقريب جي صدارت جاپان مان آيل چيف انجنيئر اوئڪاوا ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ظهور احمد قاضي، ڊي اِي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، ڊي اِي او سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيو، خرم خان، غلام سرور، ٻنهي يونين ڪائونسلن جي چيئرمين، اسڪولن جون ايڇ ايمز، انجنيئرن جي ٽيم، استادن توڙي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته جاپان جي سهڪار سان پُٺتي پيل ڳوٺاڻن علائقن ۾ جديد طرز جا ٻه ماڙ، مڪمل فرنيچر ۽ گهربل سهولتن سان گڏ اسڪول تعمير ڪرائڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي، جنهن سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ملندي، داخلا ۾ اضافو ٿيندو ۽ اسڪول ڇڏڻ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. تقريب ۾ موجود سمورن لاڳاپيل ڌرين جاپاني حڪومت ۽ جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي ٽيم جا ٿورا مڃيندي چيو ته لاڙڪاڻو ضلعو جيڪو اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙين عالمي سياسي شخصيتن جي ڌرتي طور سڃاتو وڃي ٿو، اتي ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ اهڙيون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ انتهائي اهم ۽ سٺو قدم آهي. هوڏانهن ڊي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي ۽ ٻين عملدارن طرفان جاپاني وفد ۾ شامل ماڻهن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون ويون.