شرجيل انعام ميمڻ پاران رهڙڪي درٻار جي گدي نشين سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي- 19 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ رهڙڪي درٻار جي گدي نشين سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ هندو برادري، مرحوم جي عقيدتمندن ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ هو هندو برادري، سائين ساڌرام جي عقيدتمندن ۽ پونئيرن سان …

ڪراچي- 19 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ رهڙڪي درٻار جي گدي نشين سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ هندو برادري، مرحوم جي عقيدتمندن ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ هو هندو برادري، سائين ساڌرام جي عقيدتمندن ۽ پونئيرن سان برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته سائين ساڌرام بين المذاهب هم آهنگي، امن، محبت ۽ انسان دوستي جي علامت هئا. شرجيل انعام ميمن موجب، سائين ساڌرام رواداري، ڀائيچاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سائين ساڌرام جو لاڏاڻو نه رڳو هندو برادري پر سنڌ جي سمورن امن پسند ماڻهن لاءِ وڏو نقصان آهي. سندس چوڻ هو ته سائين ساڌرام پنهنجي سڄي زندگي مذهبي رواداري، امن ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو.