حيدرآباد- 19 مئي (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر کي نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل جو وائيس چيئرمين مقرر ڪيو آهي. اھڙي قسم جي مقرري سندس زرعي تعليم جي شعبي ۾ سندن نمايان تعليمي ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي مڃتا طور ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي منظوري کان پوءِ باقاعده طور …
سنڌ زرعي يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر اين اي اي اي سي جو وائيس چيئرمين مقرر

مزید خبریں
حيدرآباد- 19 مئي (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر کي نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل جو وائيس چيئرمين مقرر ڪيو آهي. اھڙي قسم جي مقرري سندس زرعي تعليم جي شعبي ۾ سندن نمايان تعليمي ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي مڃتا طور ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي منظوري کان پوءِ باقاعده طور تي ايڇ اي سي ڪوآرڊينيشن ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، کيس اھا ذميواري ايندڙ چئن سالن جي مدت لاءِ سونپي وئي آھي، پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر هن وقت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ فئڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن جي ڊين جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي، ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، پروفيسر ڊاڪٽر راڄپر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر جي مقرري زرعي يونيورسٽي جي تدريسي عملي جي علمي قابليت جو واضح ثبوت آهي ۽ ان سان ملڪ جي زرعي يونيورسٽين ۾ تعليمي ۽ تحقيقي ترقي کي وڌيڪ ھٿي ملندي، جڏھن ته پروفيسر ڊاڪٽر راڄپر پنهنجي مهارت ۽ تجربي ذريعي زرعي يونيورسٽين ۾ ڊگري پروگرامز جي درجابندي، ترقي ۽ معيار جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راجپر چيو ته هو پنهنجون ذميواريون مڪمل ديانتداري، محنت ۽ سنجيدگي سان انجام ڏيندو، هن عزم ظاهر ڪيو ته هو نه رڳو سنڌ زرعي يونيورسٽي پر ملڪ جي سمورين زرعي يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار، ايڪريڊيٽيشن جي نظام ۽ زرعي تعليم جي مجموعي بهتري لاءِ اثرائتو ۽ ذميوار ڪردار ادا ڪندا.











