سنڌ جي گهرو وزير پاران نوٽيس وٺڻ تي پوليس جو ميرپورخاص ۾ وڏو آپريشن، 3 مغوي ڇوڪريون بازياب

ميرپورخاص- 19 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص جي هدايتن تي دلبر مهر پوليس 3 مغوي ڇوڪرين کي بازياب ڪرائي هڪ پوليس آفيسر سميت ٻن اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب 17 مئي 2026ع تي ٿاڻي دلبر خان مهر جي حدن مان هٿياربندن …

ميرپورخاص- 19 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص جي هدايتن تي دلبر مهر پوليس 3 مغوي ڇوڪرين کي بازياب ڪرائي هڪ پوليس آفيسر سميت ٻن اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب 17 مئي 2026ع تي ٿاڻي دلبر خان مهر جي حدن مان هٿياربندن پسند جي شادي جي تڪرار جي رد عمل ۾ 3 ڇوڪرين کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ورتو هو. واقعي کان پوءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه جي سربراهي ۾ خاص ٽيمون جوڙي مغوي ڇوڪرين جي فوري بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا. پوليس ڪيس ٿاڻي دلبر خان مهر ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي قلم 7/6 اي ٽي اي 364 (اي) 365 (بي) ٽي آءِ پي-3 ، 452 (بي)، 506- 337 اي (ون) ۽ 337 ايڇ (ٽو) پي پي سي سميت ٻين قلمن تحت داخل ڪيو. ايس ايس پي ميرپورخاص جي نگراني پوليس ٽيمن مختلف علائقن ۾ ڇاپا مار ڪارروائيون ڪيون، جنهن دوران ٻن جوابدارن افضال مري ۽ بهادر مري (اي ايس آءِ پوليس) کي گرفتار ڪيو ورتو. گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي وڌيڪ ڪارروائيون ڪندي پوليس 3 مغوي ڇوڪرين کي حفاظت سان بازياب ڪرائي ورتو. پوليس موجب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ بازياب ڇوڪرين جو طبي معائنو ڪرايو ويو، جنهن کان پوءِ کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته جيئن سندن بيانن جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ عورتن ۽ معصوم نينگرين جي اغوا جهڙا سنگين ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا.