ڪراچي- 19 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو ھمناڻي ھندو برادري جي روحاني پيشوا سنت سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته سنت سائين ساڌرام جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوري ھندو برادري، خاص طور سنڌ جي عوام ۽ مرحوم جي عقيدتمندن سان دلي تعزيت …
سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو ھمناڻي پاران ھندو برادري جي روحاني پيشوا سنت سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي- 19 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو ھمناڻي ھندو برادري جي روحاني پيشوا سنت سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته سنت سائين ساڌرام جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوري ھندو برادري، خاص طور سنڌ جي عوام ۽ مرحوم جي عقيدتمندن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته سنت سائين ساڌرام صاحب انسان دوست، امن ۽ محبت جا علمبردار هئا، جن پنهنجي سموري زندگي انسانيت، ڀائيچاري ۽ خلقِ خدا جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته سندن وفات ھندو برادري سميت سڄي سنڌ جي عوام لاءِ ناقابلِ تلافي نقصان آهي. هن وڌيڪ چيو ته سچو ست رام درٻار سميت لکين عقيدتمند اڄ سوڳ ۾ ورتل آهن، جڏهن ته سنت سائين ساڌرام کي سندن روحاني، سماجي ۽ فلاحي خدمتن سبب هميشه ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي وارثن، عقيدتمندن ۽ سموري ھندو برادري لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.











