اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سردار فتح الله خان ميان خيل هتي بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خيبر پختونخوا سميت سڄي ملڪ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري ڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن، مستحق خاندانن تائين مالي معاونت جي فراهمي کي …
سينيٽر روبينه خالد سان دفاع واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سردار فتح الله خان ميان خيل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سردار فتح الله خان ميان خيل هتي بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خيبر پختونخوا سميت سڄي ملڪ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري ڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن، مستحق خاندانن تائين مالي معاونت جي فراهمي کي وڌيڪ اثرائتو ۽ تيز بنائڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ عورتن جي معاشي خودمختياري ۽ سماجي تحفظ کي هٿي وٺرائڻ ۾ بي آءِ ايس پي جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پروگرام تحت مستحق عورتن کي سهولتن جي فراهمي ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي قدمن تي به غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن، شفافيت کي يقيني بنائڻ ۽ رقم جي ورهاست جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ڊجيٽل سسٽم ذريعي مستحق عورتن تائين سڌي ريت امداد پهچائڻ جي طريقڪار تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر روبينه خالد فلاحي پروگرامن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي اولين ترجيح ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ مستحق عورتن تائين بهتر پهچ بنائڻ لاءِ نوان قدم متعارف ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويو. ان کانسواءِ چونڊ تڪ ۽ صوبائي سطح تي سماجي تحفظ جي نيٽورڪ کي وڌيڪ فعال بنائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











