اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 900 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 77 هزار 1 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 77 هزار 1 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 772 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 08 هزار 312 رپين کان وڌي 4 لک 09 هزار …
سون جي قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 900 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 77 هزار 1 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 77 هزار 1 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 772 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 08 هزار 312 رپين کان وڌي 4 لک 09 هزار 089 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 74 هزار 204 رپين مان وڌي 3 لک 75 هزار 011 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 26 رپين جي واڌ کانپوءِ 8099 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 22 رپين جي واڌ کانپوءِ 6943 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن، رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4539 ڊالرز مان وڌي 4548 ڊالرز ٿي وئي آهي.











