اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 278 روپيا 60 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 23 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 738 رپيا 70 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو …
آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ معمولي واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 278 روپيا 60 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 23 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 738 رپيا 70 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 723 رپيا 63 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 908 رپيا 08 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 43 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 279 رپيا 05 پئسا ۽ وڪرو 279 رپيا 70 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.











