قومي اسيمبلي کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائز ڪيو ويندو، ووٽر جي عمر جي حوالي سان ڪابه ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته ايوان جي ڪارروائي کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن. هڪ پوائنٽ آف آرڊر جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي پهريان ئي ٽيبليٽس فراهم ڪيا ويا آهن ۽ نئين ڊجيٽل سسٽم ذريعي پارلياماني ڪارروائي اپ لوڊ ڪرڻ جو عمل شروع ٿي …

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته ايوان جي ڪارروائي کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن. هڪ پوائنٽ آف آرڊر جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي پهريان ئي ٽيبليٽس فراهم ڪيا ويا آهن ۽ نئين ڊجيٽل سسٽم ذريعي پارلياماني ڪارروائي اپ لوڊ ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سسٽم استعمال ڪرڻ ۾ ڪنهن به ميمبر کي ڪا ڏکيائي پيش اچي ته هو فوري طور تي اسيمبلي عملدارن کي آگاهه ڪري ڇاڪاڻ ته آءِ ٽي وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ مددگار عملو ميمبرن جي مدد لاءِ دستياب آهي. هن چيو ته ان قدم جو مقصد انتظامي خرچن کي گهٽ ڪرڻ آهي خاص ڪري پرنٽنگ جي خرچن کي گهٽ ڪرڻ آهي ته جيئن عوامي وسلين جو وڌيڪ اثرائتو استعمال ٿي سگهي. هن ميمبر کي يقين ڏياريو ته ڪنهن به فني مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو، جڏهن ته ايندڙ سيشنز ۾ سسٽم کي مڪمل طور تي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري آهن. جڏهن ته سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ووٽر جي عمر جي حوالي سان هن وقت تائين حڪومتي سطح تي ڪنهن به ڳالهه ٻولهه جي شروعات ناهي ٿي. نوجوان نسل جي جذبن ۽ سسٽم اندر سندن ڪردار رهڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا آزاد هئڻ گهرجي، هڪ ڊرگ ڊيلر گرفتار ٿئي ۽ سمورا ميڊيا چينلز سندس ڪيٽ واڪ ڏيکاري رهيا هئا، سوشل ميڊيا تي به اها ئي صورتحال آهي، جيڪا نوجوانن جي ذهن کي منتشر ڪري رهي آهي.