آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 21 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 21 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 3.811 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو …

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 21 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 3.811 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار سان ملڪ کي 3.146 ارب ڊالرز مٽا سٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو هو. اپريل ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 423 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مارچ جي 413 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو ۽ گذريل سال اپريل جي 317 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ خدمتن واري شعبي جي مجموعي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 8.270 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 7.028 ارب دالر جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي.