پاڪستان جو حج آپريشن حتمي مرحلي ۾ داخل، هڪ لک 3 هزار حج پانڌيئڙا سرڪاري اسڪيم تحت سعودي عرب پهچي ويا

مڪو شريف-18 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان سعودي عرب لاءِ جاري حج آپريشن حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. هڪ مهيني دوران 388 اُڏامن ذريعي هاڻ تائين 87 سيڪڙو حج پانڌيئڙا سرڪاري اسڪيم تحت سعودي عرب پهچي ويا. باقي 13 سيڪڙو ايندڙ 96 ڪلاڪن ۾ سعودي عرب پهچندا، جڏهن ته مناسڪ حج 7 ۽ 8 ذوالحج جي وچ واري رات کان شروع ٿي ويندو. مذهبي …

مڪو شريف-18 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان سعودي عرب لاءِ جاري حج آپريشن حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. هڪ مهيني دوران 388 اُڏامن ذريعي هاڻ تائين 87 سيڪڙو حج پانڌيئڙا سرڪاري اسڪيم تحت سعودي عرب پهچي ويا. باقي 13 سيڪڙو ايندڙ 96 ڪلاڪن ۾ سعودي عرب پهچندا، جڏهن ته مناسڪ حج 7 ۽ 8 ذوالحج جي وچ واري رات کان شروع ٿي ويندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ڀلي ڀار ويندڙن جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي ۽ هاڻ تائين مجموعي طور تي هڪ لک 3513 حج پانڌيئڙا سرڪاري اسڪيم تحت سعودي عرب پهچي چڪا آهن. هاڻ تائين پاڪستان کان مدينو شريف لاءِ 184 ۽ جده لاءِ 229 اُڏامون حج لاءِ لينڊ ڪري چڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب پهچندڙ حاجين مان هن وقت تائين 95 سيڪڙو مڪه مڪرمه ۾ موجود آهن جڏهن ته 5 سيڪڙو (4690) مدينه منوره ۾ رهائش ڪندڙ آهن. هاڻ تائين پاڪستان مان سڌيءَ ريت مدينه منوره پهچندڙ سرڪاري حاجين جو مجموعي انگ 46398 آهي جن مان 41708 حاجي مدينه منوره ۾ پنهنجو قيام مڪمل ڪري مڪه مڪرمه منتقل ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه 57115 حاجي سڌيءَ ريت جده جي رستي مڪه مڪرمه پهتا آهن. مذهبي معاملن جي ڊيٽا موجب حاجين جي خدمت، رهنمائي ۽ طبي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ مجموعي طور تي 96 سيڪڙو ويلفيئر اسٽاف پنهنجون ذميداريون سنڀالي چڪا آهن. هاڻ تائين 95 سيڪڙو حاجين جي مددگار، 95 سيڪڙو خادم ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ 99 سيڪڙو ميڊيڪل عملو سعودي عرب پهچي مختلف اسٽيشنن تي مقرر ٿي چڪو آهي. مسجد الحرام ۽ ان جي ڀرپاسي مقرر حرم گائيڊز هاڻ تائين مجموعي طور تي 20698 حاجين جي رهنمائي ڪري چڪا آهن. ٻي طرف مدينه منوره ۾ هاڻ تائين مجموعي طور تي 38594 حاجين کي رياض الجنت جي زيارت ڪرائي وئي آهي.