سعودي حڪومت سان معاهدو نه ٿيڻ سبب هلندڙ سال حاجي ٽرين بدران بسن ذريعي مڪو شريف کان مديني شريف جو سفر ڪندا: سردار محمد يوسف

مڪو شريف-18 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته سعودي حڪومت سان معاهدو نه ٿيڻ سبب هلندڙ سال حاجي سڳورا ٽرين بدران بسن ذريعي مڪه کان مدينه شريف جو سفر ڪري سگهندا ۽ سندن چُرپر بسن ذريعي ڪئي ويندي. پاڪستان حڪومت جي ڪوششن ۽ اڻٿڪ محنت سبب گذريل 4 سالن کان حج خرچن ۾ ڪا واڌ ناهي ڪئي وئي ۽ هن وقت …

مڪو شريف-18 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته سعودي حڪومت سان معاهدو نه ٿيڻ سبب هلندڙ سال حاجي سڳورا ٽرين بدران بسن ذريعي مڪه کان مدينه شريف جو سفر ڪري سگهندا ۽ سندن چُرپر بسن ذريعي ڪئي ويندي. پاڪستان حڪومت جي ڪوششن ۽ اڻٿڪ محنت سبب گذريل 4 سالن کان حج خرچن ۾ ڪا واڌ ناهي ڪئي وئي ۽ هن وقت پاڪستان پوري خطي ۾ سڀ کان سستو حج پيڪيج فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ حج پيڪيج پاڪستان کان 6 لک رپيا مهانگو آهي ۽ اُتي ان معيار جون سهولتون به ميسر ناهن. هو مڪه مڪرمه ۾ حج انتظامن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال حج لاءِ رجسٽريشن جو تجربو انتهائي ڪامياب رهيو ۽ آئينده حج پاليسي ۽ انتظامن جو سلسلو سعودي حڪومت طرفان باقائده اعلان سان ئي فوري طور تي شروع ڪيو ويندو. هن ٻُڌايو ته گذريل سال رجسٽريشن جي اشتهار تي 4.5 لک کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيون هيون. وفاقي وزير مڪه مڪرمه، مدينه منوره ۽ مقدس ماڳن ۾ رهائش ۽ ٻين انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته مڪه مڪرمه ۾ پاڪستان حج مشن ۽ هائوسنگ شعبي بهترين خدمتون فراهم ڪيون آهن. حاجين جي سهولتن لاءِ سرڪاري اسڪيم ۾ پهريون ڀيرو ڌار ڪمري جون سهولتون متعارف ڪرايون ويون آهن، جنهن تحت اٽڪل 8 هزار حاجين واڌو ادائيگي (2 لک رپيا في بيڊ) ڏئي اها سهولت حاصل ڪئي آهي ۽ هو انهن انتظامن مان مطمئن آهن. پيڪيج جا تفصيل ٻُڌائيندي هن چيو ته سرڪاري اسڪيم تحت 11 لک ۽ 12 لک رپين جا 2 پيڪيجز (شارٽ ۽ لانگ) ڏنا ويا آهن، جن ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪيتريون ئي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جيڪي ماڻهو وڌيڪ خرچ برداشت ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر به موجود آهي جتي 20 کان 30 لک رپين تائين جا پيڪيجز دستياب آهن، جڏهن ته سرڪاري پيڪيج جي معيار کي برقرار رکيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته ڀارتي حاجين کي اُتان جي ڪرنسيءَ موجب پاڪستاني 18 لک رپين تائين ادا ڪرڻ پئجي رهيا آهن ۽ سهولتون نه هئڻ سبب هو ڪافي پريشان آهن، جنهن جو اظهار هن پاڪستاني خدام الحجاج سان ڪيو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته اسان لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ٻنهي اسڪيمن جي حاجين ۾ وي آءِ پي ۽ اسان سڀني کي هڪ نظر سان ڏسون ٿا. هن عزم جو اظهار ڪيو ته حاجين جي خدمت کي اسان هڪ سرڪاري ڊيوٽي نه پر عبادت سمجهون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي الله جا مهمان آهن ۽ اسان جو حج مشن ان ئي جذبي تحت خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ته الله جا سمورا مهمان هتان مطمئن ٿي موٽن.