مڪه مڪرمه -18 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف مڪه مڪرمه جي علائقي العزيزيه ۾ قائم پاڪستان حج ميڊيڪل مشن جي مرڪزي ڪلينڪ جي دؤري دوران ليبارٽريءَ ۾ فراهم ڪيل سُڃاڻپ سهولتن ۽ ٽيسٽن جي معيار کي پاڻ پرکڻ لاءِ پنهنجي رت جو نمونو ڏنو. ميڊيڪل مشن جي مينوئل ۽ طئي ٿيل طريقيڪار موجب وفاقي وزير جي ميڊيڪل ٽيسٽ رپورٽ مقرر ڪيل وقت ۾ …
مڪو شريف ۾ طبي سهولتن جو معيار پرکڻ لاءِ وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاران پنهنجي رت جو نمونو پيش

مزید خبریں
مڪه مڪرمه -18 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف مڪه مڪرمه جي علائقي العزيزيه ۾ قائم پاڪستان حج ميڊيڪل مشن جي مرڪزي ڪلينڪ جي دؤري دوران ليبارٽريءَ ۾ فراهم ڪيل سُڃاڻپ سهولتن ۽ ٽيسٽن جي معيار کي پاڻ پرکڻ لاءِ پنهنجي رت جو نمونو ڏنو. ميڊيڪل مشن جي مينوئل ۽ طئي ٿيل طريقيڪار موجب وفاقي وزير جي ميڊيڪل ٽيسٽ رپورٽ مقرر ڪيل وقت ۾ تيار ڪري کيس جاري ڪئي ويندي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان حج مشن عبدالوهاب سومرو به مرڪزي ڪلينڪ لاءِ پنهنجي پهرئين دؤري جي موقعي تي پاڻ اڳتي وڌي رت جو نمونو ڏنو هو ته جيئن ليبارٽري ۾ ٿيندڙ 28 قسمن جون جديد سُڃاڻپ وارين ٽيسٽن جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جو عملي جائزو وٺي سگهجي. حج عملدارن ۽ حاجين طرفان اعليٰ ترين قيادت جي ان عمل کي ساراهيو، جنهن جو مقصد حاجين کي اها خاطري ڪرائڻ آهي ته مشن ۾ فراهم ڪيل سموريون طبي سهولتون ۽ ٽيسٽ عالمي معيار موجب آهن.











