اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سامونڊي ڪچري کي فقط گدلاڻ نه پر استعمال جوڳو وسيلو قرار ڏيندي بليو سرڪلر اڪانومي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب هن چيو ته سامونڊي گدلاڻ جي ري سائيڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال سان ماحولياتي تحفظ سان معاشي فائدا به حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته صاف …
سامونڊي گدلاڻ جي ري سائيڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال سان ماحولياتي تحفظ سان معاشي فائدا به حاصل ڪري سگهجن ٿا: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سامونڊي ڪچري کي فقط گدلاڻ نه پر استعمال جوڳو وسيلو قرار ڏيندي بليو سرڪلر اڪانومي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب هن چيو ته سامونڊي گدلاڻ جي ري سائيڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال سان ماحولياتي تحفظ سان معاشي فائدا به حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته صاف بندرگاهه، صحتمند سامونڊي نظام مهم تحت ڪراچي پورٽ تي وڏي پيماني تي صفائي آپريشن تيز ڪيو ويو آهي ته جيئن سامونڊي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي حياتياتي جدت جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن ٻُڌايو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ايسٽ وارف، ويسٽ وارف، آئل پيئرز ۽ بوٽ بيسن جيٽي سميت اهم ماڳن تي صفائي سرگرميون وڌايون آهن، جتي مئي جي پهرين ٻن هفتن دوران 3 مرحلن ۾ 58 ڪلوگرام کان وڌيڪ ٺوس ڪچرو سمنڊ مان ڪڍيو ويو. سرڪاري انگن اکرن موجب 159 ٻيڙيون آپريشنز ۽ 487 اهلڪارن جي مدد سان مجموعي طور تي 58450 ڪلوگرام ترندڙ ڪچرو، جنهن ۾ وڏو انگ پلاسٽڪ ۽ سامونڊي ملبو شامل آهي، جمع ڪيو ويو. جمع ٿيل گدلاڻي ماحولياتي ضابطن موجب سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ ضايع ڪندڙ جاين تائين منتقل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته اهي قدم بليو سرڪلر اڪانومي جي وسيع ويزن جو حصو آهن، جنهن تحت سامونڊي گدلاڻ کي ٻيهر استعمال جوڳي وسيلن طور تي ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته ماهيگري ۽ آبي زراعت جي شعبي ري سائڪلينگ ۽ اپ سائيڪلنگ ذريعي سامونڊي پلاسٽڪ جي نيڪال ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي جنهن ۾ استعمال ٿيل ماهيگيري ڄارن کي نئين مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ ۽ مڇي جي گدلاڻ مان ڀاڻ، فيڊ ۽ بائيو مصنوعات تيار ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي هاربر مان جمع ڪيل 58450 ڪلوگرام گدلاڻ کي مؤثر انداز ۾ ڌار ڪري ري سائيڪلنگ جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ته ان جي امڪاني معاشي ماليت 7032 آمريڪي ڊالر تائين ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سراسري اندازي موجب ان جي ماليت اٽڪل 17535 ڊالر بڻجي ٿي. وفاقي وزير موجب اصل معاشي فائدن جو ڀاڙڻ ري سائيڪلنگ ٿيل پلاسٽڪ خاص ڪري پي اي ٽي ۽ ايڇ ڊي پي اي جي مقدار، سمنڊ جي پاڻي يا تيل مان آلودگي جي سطح ۽ پراسيسنگ لاڳت تي ٿئي ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ مخلوط پلاسٽڪ اسڪريپ جي قيمت اٽڪل 0.10 کان 0.55 آمريڪي ڊالر في ڪلوگرام جي وچ ۾ رهي ٿي جڏهن ته بهتر معيار جي، اي ٽي ۽ ايڇ ڊي پي اي وڌيڪ قيمت حاصل ڪن ٿا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ترندڙ گدلاڻ جي مسلسل صفائي سامونڊي حيات جي تحفظ، سامونڊي آمدورفت جي محفوظ نظام ۽ صاف ۽ جٽادار بندرگاهي ماحول جي قيام لاءِ انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته ان سان وڌندڙ شهري سامونڊي گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.











