لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) پوليو جي خاتمي واري مهم دوران جيڪب آباد پوليس طرفان فول پروف سيڪيورٽي پلان تي عمل جاري آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن (ر) فيضان علي جي قيادت ۾ پوري ضلعي ۾ 18 مئي کان 21 مئي تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران سخت ۽ اثرائتا سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، جن تي عمل جاري آهي. پوليو مهم دوران پوري ضلعي …
جيڪب آباد پوليس طرفان پوليو جي خاتمي واري مهم دوران فول پروف سيڪيورٽي پلان تي عمل جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) پوليو جي خاتمي واري مهم دوران جيڪب آباد پوليس طرفان فول پروف سيڪيورٽي پلان تي عمل جاري آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن (ر) فيضان علي جي قيادت ۾ پوري ضلعي ۾ 18 مئي کان 21 مئي تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران سخت ۽ اثرائتا سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، جن تي عمل جاري آهي. پوليو مهم دوران پوري ضلعي ۾ 1273 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جيڪي موبائل، ٽرانزٽ ۽ فڪسڊ پوليو ٽيمن سان گڏ مقرر آهن ته جيئن ٻارن کي قطرا پيارڻ جو عمل پرامن ماحول ۾ مڪمل ٿي سگهي. پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ 48 پوليس موبائل، 10 موٽرسائيڪل اسڪواڊ (ايگلز/ٽائيگرز) مختلف علائقن ۾ مسلسل گشت تي موجود آهن، جڏهن ته حساس علائقن ۾ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريزرو پلاٽونز ۽ ڪوئڪ ريسپانس فورس (ڪيو آر ايف ) کي الرٽ رکيو ويو آهي، جڏهن ته پوري ضلعي ۾ پوليس پيٽرولنگ ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. سمورا ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته اهي پوليو ٽيمن سان مسلسل رابطي ۾ رهن، پاڻ فيلڊ ۾ موجود رهي سيڪيورٽي پلان تي عمل کي يقيني بڻائين ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي وقت سر منُهن ڏين. سموري مقرر نفري کي سيڪيورٽي پلان جي حوالي سان خاص بريفنگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته هڪ مرڪزي ڪنٽرول روم ذريعي سيڪيورٽي انتظامن جي مسلسل مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي جيڪب آباد واضح هدايت ڏيندي چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم هڪ قومي فرض آهي، جنهن دوران ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. سمورا آفيسر ۽ اهلڪار ذميواري، جذبي ۽ پيشيوراڻي مهارت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين ته جيئن هن قومي مهم کي ڪامياب بڻائي سگهجي.











