پاڪستان پاران گڏيل عرب امارات جي براڪه ائٽمي توانائي پلانٽ تي ڊرون حملي جي مذمت

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل عرب امارات جي براڪه ائٽمي توانائي پلانٽ تي ڊرون حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان 17 مئي 2026ع تي گڏيل عرب امارات جي براڪه ائٽمي توانائي پلانٽ تي ٿيندڙ ڊرون حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي ڀائر عوام ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي جو …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل عرب امارات جي براڪه ائٽمي توانائي پلانٽ تي ڊرون حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان 17 مئي 2026ع تي گڏيل عرب امارات جي براڪه ائٽمي توانائي پلانٽ تي ٿيندڙ ڊرون حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي ڀائر عوام ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، ائٽمي ٺڪاڻن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي قانون بشمول عالمي انساني قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي دستور ۽ قراردادن ۾ ڏنل ائٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي بنيادي اصولن جي سنگين خلاف ورزي آهي. سندس چوڻ هو ته ائٽمي ٺڪاڻن کي ڪنهن به صورت ۾ نشانو نه بڻائڻ گهرجي، اهڙيون غيرذميوار ڪارروايون انساني جانين، ماحوليات ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ممڪن طور تي تباهي آڻيندڙ ۽ ناقابل تلافي نتيجن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ترجمان چيو ته شهري ائٽمي بنيادي ڍانچي جي تقدس ۽ ناقابل تعرض هجڻ جو اصول هڪ تسليم ٿيل عالمي ضابطو آهي جنهن کي بنا ڪنهن فرق جي هر صورت ۾ برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڏي ٿو ته اهي وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪن، عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجن ۽ جن جا اثر خطي کان اڳتي وڌي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي منشور جي اصولن ۽ مقصدن موجب ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو واحد قابل عمل رستو آهي.