اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي ۽ اي بي ايس ڊولپرز وچ ۾ 82 منزلن واري برج قائد عمارت جي تعمير لاءِ باضابطا معاهدو طعي ٿي ويو آهي، سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ادارن منصوبن لاءِ 941 فٽ بلندي جو اين او سي جاري ڪيو آهي. تفصيل مطابق 941 فٽ بلند برج قائد پاڪستان جي بلند ترين عمارت هوندي، منصوبو ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي ۾ …
ڪراچي لاءِ هڪ ٻيو اعزاز، پاڪستان جي بلند ترين عمارت برج قائد جي تعمير جو معاهدو، منصوبي لاءِ 941 فٽ بلندي جو اين او سي جاري

مزید خبریں
اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي ۽ اي بي ايس ڊولپرز وچ ۾ 82 منزلن واري برج قائد عمارت جي تعمير لاءِ باضابطا معاهدو طعي ٿي ويو آهي، سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ادارن منصوبن لاءِ 941 فٽ بلندي جو اين او سي جاري ڪيو آهي. تفصيل مطابق 941 فٽ بلند برج قائد پاڪستان جي بلند ترين عمارت هوندي، منصوبو ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي ۾ تعمير ڪيو ويندو جديد طرز جي تعمير رکندڙ برج قائد اٽڪل 6 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ٿيندو، جنهن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ 6 سالن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ادارن منصوبي لاءِ 941 فٽ بلندي جو اين او سي جاري ڪيو آهي، اي بي ايس ڊولپرز عالمي ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جي نگراني ۾ منصوبي تي ڪم ڪندو. برج قائد جي تعمير سان ڪراچي ۾ جديد شهري انفراسٽرڪچر، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ”برج قائد“ پاڪستان ۾ جديد هاءِ رائيز ڊولپمينٽ جي نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندو.











