پوليو روڪٿام مهم دوران 4 لک 2 هزار 720 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا: ڊاڪٽر شوڪت حسين ابڙو

لاڙڪاڻو- 18 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي صحت کاتي  ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو  جي خاص هدايتن تحت 18 مئي کان 21 مئي 2026ع تائين جاري رهندڙ پوليو جي روڪٿام واري مهم دوران سخت گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ پوليو ورڪرز کي ڇٽيون ۽ ٽوپيون  فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن هو مهم دوران پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهن. انهن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر شوڪت  حسين ابڙو  پنهنجي آفيس …

لاڙڪاڻو- 18 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي صحت کاتي  ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو  جي خاص هدايتن تحت 18 مئي کان 21 مئي 2026ع تائين جاري رهندڙ پوليو جي روڪٿام واري مهم دوران سخت گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ پوليو ورڪرز کي ڇٽيون ۽ ٽوپيون  فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن هو مهم دوران پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهن. انهن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر شوڪت  حسين ابڙو  پنهنجي آفيس ۾ مهم شروع ٿيڻ کان اڳ ورڪرز ۾ ڇٽيون ۽ ڪيپس ورهائيندي ڪيو.  هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نون ڄاول ٻارن کان وٺي 5 سال جي عمر تائين اٽڪل 4 لک 2 هزار 720 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. ان سلسلي ۾ 1325 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارينديون.  هن چيو ته  ضلعي جو باشعور عوام، خاص ڪري والدين کي اپيل آهي ته هو پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن ۽ پنهنجي گل جهڙن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري کين هميشه جي معذوري کان محفوظ بنائين. ان موقعي تي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ضلعي لاڙڪاڻي جو ڊسٽرڪٽ پوليو آفيسر ، ۽ اين ايس ٽي او پي جو آفيسر به موجود هئا.