لاڙڪاڻو پوليس جون مختلف ھنڌن تي منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروائيون، 5 منشيات فروش گرفتار

لاڙڪاڻو - 18 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي سربراهي ۾ لاڙڪاڻو پوليس مختلف ھنڌن تي منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروائين ۾ پنجن  منشيات فروش ڏوھارين کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو آهي  پھرين ڪارروائي ۾ ٿاڻي ماهوٽا جي حد ۾ منشيات جي سپلائي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي عاقل روڊ واري علائقي مان منشيات فروش ملزم کي هڪ ڪلو 140 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو .گرفتار …

لاڙڪاڻو – 18 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي سربراهي ۾ لاڙڪاڻو پوليس مختلف ھنڌن تي منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروائين ۾ پنجن  منشيات فروش ڏوھارين کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو آهي  پھرين ڪارروائي ۾ ٿاڻي ماهوٽا جي حد ۾ منشيات جي سپلائي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي عاقل روڊ واري علائقي مان منشيات فروش ملزم کي هڪ ڪلو 140 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو .گرفتار ٿيل منشيات فروش ملزم جي سڃاڻپ قدير منگي جي نالي سان ٿي آهي،  ڄاڻايل ملزم عادي ڏوهاري آهي، ۽ ان کان اڳ به جيل وڃي چڪو آهي،گرفتار ملزم هڪ درجن کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ گهربل آهن، ڄاڻايل ملزم ضلعي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ منشيات فروشي، ڌاڙن ، چورين  ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ نامزد آهي،  ٻي ڪارروائي ۾ لاڙڪاڻو پوليس هڪ ٻي جاءِ تي منشيات جي سپلاءِ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٿاڻي ويهڙ جي حدن ۾ ميمڻ لاڙو واري علائقي مان منشيات فروش ملزم کي هڪ ڪلو 140 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آھي .گرفتار ٿيل منشيات فروش ملزم جي سڃاڻپ اظهر سنديلو جي نالي سان ٿي آهي،  گرفتار ملزم سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث آهي،   ٽئين ڪارروائي ۾  منشيات جي سپلاءِ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي عاقل ٿاڻي  جي حد فقير واهه واري علائقي مان منشيات فروش ملزم کي هڪ ڪلو 100 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آھي .گرفتار منشيات فروش ملزم جي سڃاڻپ سلمان عرف سليمان شيخ جي نالي سان ٿي آھي. گرفتار ملزم مختلف ٿاڻن ۾ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ نامزد آهي ۽ ان کان اڳ به منشيات فروشي جي ڪيسن ۾ چالان ٿيل آهي،  چوٿين ڪارروائي ۾  وليد ٿاڻي جي حد, نيو بس ٽرمينل واري علائقي ۾ منشيات جي سپلائي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي منشيات فروش ملزم کي هڪ ڪلو  100 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو.گرفتار ٿيل منشيات فروش ملزم جي سڃاڻپ اميد کوکر جي نالي سان ٿي آهي،  گرفتار ملزم مختلف علائقن ۾ منشيات جي سپلائي ۾ ملوث آهي پنجين ڪارروائي ۾ رتوديرو ٿاڻي جي حد مسافر خانو واري علائقي ۾ منشيات سپلاءِ جي ڪوشش ناڪام  بڻائيندي منشيات فروش ملزم کي هڪ ڪلو 120 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آھي .گرفتار ٿيل منشيات فروش ملزم جي سڃاڻپ اسماعيل ميتلو جي نالي سان ٿي آهي،  گرفتار ملزم مختلف علائقن ۾ منشيات سپلاءِ ۽ سنگين نوعيت جي ڪيسن ڏوهن ۾ ملوث آهي .ملزمن کان خريدارن، ڊيلرز ۽ سپلائرز بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي.