ٽريڊ اينڊ انڊسٽريل فيئر 2026، صنعتي ترقي ۽ عالمي تعاون جو اهم سنگ ميل قرار

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي تحت ٽريڊ اينڊ انڊسٽريل فيئر 2026 ڪراچي ۾ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. جنهن پاڪستان جي صنعتي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪ نئين دور جو بنياد رکي ڇڏيو. ان عالمي نوعيت جي صنعتي ايونٽ ۾ چين سميت مختلف ملڪن جي صنعتي وفدن، سيڙپڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ واپاري ادارن ڀرپور شرڪت ڪئي. نمائش دوران صنعتي تعاون، جديد ٽيڪنالاجي، …

اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي تحت ٽريڊ اينڊ انڊسٽريل فيئر 2026 ڪراچي ۾ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. جنهن پاڪستان جي صنعتي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪ نئين دور جو بنياد رکي ڇڏيو. ان عالمي نوعيت جي صنعتي ايونٽ ۾ چين سميت مختلف ملڪن جي صنعتي وفدن، سيڙپڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ واپاري ادارن ڀرپور شرڪت ڪئي. نمائش دوران صنعتي تعاون، جديد ٽيڪنالاجي، گڏيل سيڙپڪاري، روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين پنهنجي جديد مصنوعات، صنعتي مشينري، مينيوفيڪچرنگ ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروباري منصوبا پيش ڪيا، جنهن سان پاڪستان جي صنعتي سگهه ۽ سيڙپڪاري جا موقعا عالمي سطح تي اجاگر ٿيا. ماهرن موجب ان ايونٽ پاڪستان کي خطي ۾ هڪ ڀرندڙ صنعتي ۽ واپاري مارڪيٽ طور متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهڙن عالمي صنعتي ميلن سان نه رڳو پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو پر مقامي صنعت، روزگار، روانگي واپار ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر  کي به هٿي ملندي. اهو ايونٽ پاڪستان ۽ دوست ملڪن وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، صنعتي حصيداري وائڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي جون نيون راهون هموار ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.