اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي سفارتڪاري ۾ قطر جي تعميري ڪردار ۽ ٽياڪڙي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ڪالهه ٽيليفون ڪيو، ٻنهي اڳواڻن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي سفارتڪاري ۾ قطر جي تعميري ڪردار ۽ ٽياڪڙي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ڪالهه ٽيليفون ڪيو، ٻنهي اڳواڻن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ مسلسل ۽ ويجهي مشاورت جي ضرورت تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ نهايت خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي، امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي اڳواڻي ۾ جاري امن ڪوششن جي ڀرپور حمايت ۽ توثيق تي قطري قيادت جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم علائقائي سفارتڪاري ۾ قطر جي تعميري ڪردار ۽ جاري ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ال ثاني لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو سندس پاڪستان جي سرڪاري دوري جو منتظر آهي. ٻنهي اڳواڻن وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ اعليٰ سطح جا رابطا باقاعدگي سان جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











