نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، خطي جي تبديل ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي جي تبديل ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان سعودي …

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي جي تبديل ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن تي ٻڌل علائقائي مشاورتي فورم بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بابت جاري سرگرمين ۽ وسيع گهڻ رخي سفارتي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مصر جي پرڏيهي وزير آمريڪا طرفان قبضي ۾ ورتل جهازن تي سوار 20 ايراني ۽ 11 پاڪستاني ملاحن جي وطن واپسي ۾ پاڪستان جي ڪامياب انساني همدردي تي ٻڌل سهولتڪاري کي به ساراهيو. ٻنهي ڌرين علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ويجهو رابطو ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. مصر جي پرڏيهي وزير، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ٻطرفي مشاورت لاءِ جلد مصر جي دوري جي دعوت ڏني.