پاڪستان ۾ ذوالحج 1447هجري جو چنڊ نظر اچي ويو، پهرين ذوالحج اڄ سومر ۽ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيندي

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ ذوالحج 1447هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، پهرين ذوالحج اڄ سومر تي جڏهن ته عيدالاضحيٰ 27 مئي اربع تي ٿيندي. ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ موسميات کاتي جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جڏهن ته زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جي ميمبرن، موسميات …

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ ذوالحج 1447هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، پهرين ذوالحج اڄ سومر تي جڏهن ته عيدالاضحيٰ 27 مئي اربع تي ٿيندي. ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ موسميات کاتي جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جڏهن ته زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جي ميمبرن، موسميات کاتي ۽ اسپارڪو جي ماهرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اهڙي طرح زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس وفاقي گادي واري هنڌ ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ هڪ ئي وقت منعقد ٿيا. اجلاس کانپوءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ ذوالحج 1447هجري جي چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ پاڪستان ۾ پهرين ذوالحج اڄ سومر تي جڏهن ته عيدالاضحيٰ 27 مئي اربع تي ٿيندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آچر تي سعودي عرب سميت نار ملڪن ۾ به ذوالحج 1447هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي.