راڻا مشهود احمد جي صدارت هيٺ پي ايم وائي پي ۽ يونيسڪو جو اجلاس، نوجوانن جي ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام (پي ايم وائي پي) ۽ يونيسڪو پاڪستان جواجلاس پي ايم وائي پي جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ يونيسڪو جي ڪنٽري ڪوآپريشن اسٽريٽجي 30-2026ع تحت گڏيل تعاون جي مختلف موقعن ۽ يونيسڪو جي ترقياتي ترجيحن کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي قومي نوجوانن جي ترقي جي قدمن سان هم آهنگ ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ …

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام (پي ايم وائي پي) ۽ يونيسڪو پاڪستان جواجلاس پي ايم وائي پي جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ يونيسڪو جي ڪنٽري ڪوآپريشن اسٽريٽجي 30-2026ع تحت گڏيل تعاون جي مختلف موقعن ۽ يونيسڪو جي ترقياتي ترجيحن کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي قومي نوجوانن جي ترقي جي قدمن سان هم آهنگ ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. يوٿ افيئرز ونگ موجب اجلاس جو مقصد وزيراعظم يوٿ پروگرام کي يونيسڪو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حصيدار طور پيش ڪرڻ هو ته جيئن تعليم، هنرمندي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، ڊجيٽل شموليت، ماحولياتي تحفظ ۽ معاشي موقعن جهڙن شعبن ۾ سڄي ملڪ ۾ يوٿ ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ مان فائدو کڻي سگهجي. اجلاس ۾ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر فواد پاشا يوف ۽ عائشه نثار پروگرام اسسٽنٽ (يوٿ) شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم يوٿ پروگرام طرفان راڻا مشهود احمد خان ۽ سندس ٽيم موجود هئي. چيئرمين يونيسڪو وفد کي پي ايم يوٿ پروگرام جي مختلف فليگ شپ منصوبن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ڊجيٽل يوٿ هب (ڊي وائي ايڇ)، وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام، ميٽرڪ ٽيڪ پروگرام، گرين يوٿ موومينٽ، نيشنل والنٽيئر ڪور، نيشنل يوٿ ڪائونسل ۽ پي ايم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم شامل آهن. ڌرين وچ ۾ تعليمي شموليت، اسڪول کان ٻاهر ٻارن لاءِ قدمن، ڊجيٽل خواندگي، اسٽيم تعليم، ماحولياتي تحفظ، گرين اسڪلز، نوجوانن جي شموليت ۽ ٽيوٽا سڌارن جهڙن شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلا ۾ خاص طور تي ميٽرڪ ٽيڪ ۽ وزيراعظم يوٿ اسڪلز پروگرام ۾ يونيسڪو جي فني ۽ پيشيوراڻي معيار کي شامل ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ ڊجيٽل يوٿ هب کي يونيسڪو جي نوجوانن بابت پروگرامز، حقدارن تائين رسائي ۽ اثرن جي جائزي لاءِ قومي پليٽ فارم طور استعمال ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو. اجلاس جي پڄاڻي تي ڌرين نوجوانن کي تعليم، هنر، جدت، پائيداري ۽ معاشي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ باضابطه تعاون جي فريم ورڪ تي اتفاق راءِ ۽ گڏيل دلچسپي ظاهر ڪئي.