پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي اداري پاران موسمياتي خطرن کان محفوظ شهرن لاءِ قومي شهري حڪمت عملي تي مشاورتي عمل شروع

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت ۽ گڏيل قومن جي ذيلي اداري ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ شهرين کي وڌيڪ محفوظ ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ پهرين قومي شهري حڪمت عملي جي تياري جو مشاورتي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت …

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت ۽ گڏيل قومن جي ذيلي اداري ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ شهرين کي وڌيڪ محفوظ ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ پهرين قومي شهري حڪمت عملي جي تياري جو مشاورتي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت ۽ گڏيل قومن جي اداري جي سهڪار سان منعقد اعليٰ سطحي قومي اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن آَفتن کي منهن ڏيندڙ ادارن، شهري رٿابندي جي ماهرن، ترقياتي ماهرن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي خبردار ڪيو ته پاڪستان جا شهر تيزي سان موسمياتي خطرن جو مرڪز بڻجندا پيا وڃن، هن چيو ته اسان جا شهر شديد گرمي، شهري ٻوڏ ۽ پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته شهري رٿابندي ۾ موسمياتي خطرن کي ڪڏهن به شامل نه ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ جي 36 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي اڳ ئي شهري علائقن ۾ رهي رهي آهي جڏهن ته ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ اڌ کان وڌيڪ پاڪستاني شهرن ۾ آباد ٿيندا. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يو اين هبيٽاٽ پاڪستان جي موسمياتي ماهر خليل احمد چيو ته تيز رفتار شهري آبادي، ڪمزور پاڻي جي نيڪالي وارو نظام ۽ ماحولياتي قانونن تي خراب عملدرآمد پاڪستاني شهرن کي ٻوڏ، ڏڪار ۽ شديد گرمي جي لهرن لاءِ وڌيڪ غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. هن خبردار ڪيو ته پاڪستان هاڻي ڌار ڌار ناهي پر مسلسل ۽ گڏيل طور جڙيل موسمياتي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي. موسمياتي تبديلي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ترجمان محمد سليم شيخ چيو ته موسمياتي لحاظ کان محفوظ شهر صرف پاليسين نه پر عوامي شعور، مقامي آبادي جي شموليت ۽ مسلسل ماحولياتي آگاهي جي مهمن سان ئي ممڪن آهي. اجلاس ۾ ماحول دوست تعميراتي ضابطن، موسمياتي موافق شهري منصوبابندي ۽ ٻوڏ کان محفوظ بنيادي ڍانچي لاءِ موثر حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي زور ڀريو ويو.