بلوچستان ڊجيٽل گورننس ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي: مير سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا – 17 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته صوبو ڊجيٽل گورننس، شفافيت ۽ جدت جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، حڪومت صوبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. اها ڳالهه هن ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سوسائٽي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ …

ڪوئيٽا – 17 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته صوبو ڊجيٽل گورننس، شفافيت ۽ جدت جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، حڪومت صوبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. اها ڳالهه هن ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سوسائٽي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. هن چيو ته حڪومت صوبي جي پهرين ڊجيٽل ميڊيا پاليسي 2026ع متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن جو مقصد جديد ميڊيا نظام کي هٿي ڏيڻ ۽ معلومات تائين عوام جي پهچ وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ڀرتي نظام ذريعي ميرٽ، شفافيت ۽ گڊ گورننس کي هٿي ملي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ آءِ ٽي پارڪس، يوٿ آءِ ٽي پروگرامز ۽ اي گورننس سڌارن تي تيزي سان عمل جاري آهي. هن چيو ته نوجوانن لاءِ اسڪالرشپس ۽ ڊيجيٽل اسلز پروگرامز صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهن ته جيئن نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري بااختيار بڻائي سگهجي.