اسلام آباد-16 مئي(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي خلاف شاندار ڪاميابي جو مظاهرو ڪندي ٽي 20 سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. يوٿ افيئرز ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته قومي ويمن ٽيم جي رانديگرياڻين ون ڊي سيريز کان پوءِ ٽي …
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون
اسلام آباد-16 مئي(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي خلاف شاندار ڪاميابي جو مظاهرو ڪندي ٽي 20 سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. يوٿ افيئرز ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته قومي ويمن ٽيم جي رانديگرياڻين ون ڊي سيريز کان پوءِ ٽي 20 سيريز ۾ پڻ ڪلين سوئپ ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته ميچ ۾ مڪمل هم آهنگي سان بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ويو. ٽيم جي گڏيل ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته اها ڪاڪردگي پاڪستاني عورتن جي ٽيلنٽ جو ثبوت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ پڻ ان جذبي سان ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي ۽ وڌيڪ ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪندي.












