ڪراچي-14 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کھڙو سڀني پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي سوشل ميڊيا تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي رويي جي مذمت ڪرڻ ۽ ان بابت بيان بازي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي۔ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 12 مئي بابت هن پيپلز پارٽي جو موقف پيش ڪرڻ پئي چاھيو پر سنڌ جي …
سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان اختلاف ۽ پارٽيءَ اندر ڌڙا بنديءَ جو تاثر ڏنو پيو وڃي، اهو غلط آهي: نثار کهڙو

مزید خبریں
ڪراچي-14 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کھڙو سڀني پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي سوشل ميڊيا تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي رويي جي مذمت ڪرڻ ۽ ان بابت بيان بازي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي۔ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 12 مئي بابت هن پيپلز پارٽي جو موقف پيش ڪرڻ پئي چاھيو پر سنڌ جي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان سندس اختلافن ۽ پارٽي اندر ڌڙا بندي جو جيڪو تاثر ڏنو پيو وڃي اهو غلط آهي۔ھن چيو ته ڪنهن به عهدي تي ويٺل پيپلز پارٽي جا سڀ اڳواڻ ۽ سمورا پارٽي عهديدار پارٽي جي ڊسيپلين تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن۔ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مسئلن تي پيپلز پارٽي جو موقف ڏيڻ ۽ پارٽي جو دفاع ڪرڻ سندس ذميواري آهي جيڪا هو هر فورم تي هر حال ۾ ادا ڪندو رهندو۔نثار کهڙو چيو ته پارٽي قيادت جنهن کي به ڪنهن به عهدي تي مقرر ڪري ٿي ان جي عزت ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي تنهنڪري سڀني پارٽي عهديدارن کي گذارش آهي ته پارٽي پاران ڪنهن به منصب تي مقرر ڪيل ڪنهن به اڳواڻ جي سوشل ميڊيا تي مذمت ڪرڻ ۽ ان جي خلاف بيان بازي ڪرڻ کان پاسو ڪن۔











