ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ شاهراهه ڀٽو هلندڙ مهيني عوام لاءِ کولي ويندي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-14 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر ، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ھلندڙ مھيني شاھراھ ڀٽو کي مڪمل طور تي عوام جي لاءِ کوليو ويندو، ھي شاھراھ ايم نائن سان ڳنڍيل ھوندي جنھن سان شھرين جو لڳ ڀڳ ھڪ ڪلاڪ سفر گھٽجي ويندو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شاھراھ ڀٽو رٿا …

ڪراچي-14 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر ، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ھلندڙ مھيني شاھراھ ڀٽو کي مڪمل طور تي عوام جي لاءِ کوليو ويندو، ھي شاھراھ ايم نائن سان ڳنڍيل ھوندي جنھن سان شھرين جو لڳ ڀڳ ھڪ ڪلاڪ سفر گھٽجي ويندو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شاھراھ ڀٽو رٿا کي گيم چينجر قرار ڏيندي چيو تھ ان سان ڪراچي جي ٽريفڪ ۽ آمدورفت جي نظام ۾ نمايان بھتري ايندي. ھن ٻڌايو تھ ڪراچي پورٽ کان تاج حيدر پل تائين ھڪ نئون روڊ بھ تعمير ڪيو پيو وڃي، جنھن سان ڪنيڪٽوٽي وڌيڪ بھتر ٿيندي، سندس چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ سھولتن جي فراھمي لاءِ لڳاتار ڪم ڪري رھي آھي ۽ ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جون ڪيتريون ئي ترقياتي رٿائون جاري آھن، جن مان ڪجهھ ديرجو شڪار ٿيل منصوبن تي ٻيھر ڪم شروع ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ ڪي ايم سي ۽ مڪاني اداارا گڏجي ميگا پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رھيا آھن، جڏھن تھ جديد طرز جي بي آر ٽي لائن جو بھ ڪم جاري آھي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شھرين کي ترقياتي ڪمن جي ڪري درپيش ڏکيائين تي معذرت جو اظھار ڪيو ۽ چيو تھ وقتي تڪليف کان سواءِ وڏا منصوبا مڪمل ٿي نھ ٿا سگھن. ھن ٻڌايو تھ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي چين جي دوري دوران ڊي سيلنيشن پلانٽ جي حوالي سان ھڪ مفاھمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون آھن، جنھن تحت ھڪ چيني ڪمپني سمنڊ جي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جو پلانٽ لڳائيندي، ھن منصوبي سان ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي جي حل ۾ مدد ملندي. ھن اھو بھ ٻڌايو تھ ھن دوري دوران لائيو اسٽاڪ ۽ زراعت جي شعبن جي لاءِ بھ اھم معاھدا ٿيا جيڪا وڏي سفارتي ۽ اقتصادي ڪاميابي آھن. ھن چيو تھ چيني قيادت ڀٽو خاندان جي دور ۽ پاڪستان چين لاڳاپن جي تسلسل کي بھ ساراھيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت پگھار دار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ بھ قدم کڻي رھي آھي. ھن منشيات جي خلاف ڪارروائين جو ذڪر ڪندي ٻڌايو تھ ھڪ بدنام زمانھ منشيات فروش کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ ھن عمل دوران غفلت جو مظاھرو ڪندڙ اھلڪارن کي معطل بھ ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ منشيات ھڪ سنگين لعنت آھي جيڪا معاشري کي تباھ ڪري رھي آھي ۽ اُن جي خاتمي لاءِ پوري قوم کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سندس موجب، پوليس پنھنجون ذميواريون ادا ڪري رھي آھي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بھتري آھي، جڏھن تھ ٽرانسپورٽرز مطابق سنڌ اندر کين ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تحفظ حاصل آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن سوشل ميڊيا تي ڦھلجندڙ افواھن ۽ غلط خبرن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو تھ ڪيتريون ئي ڌريون ذاتي خواھشن جي بنياد تي غلط معلومات ڦھلائيندا آھن. ھن صدر آصف علي زرداري بابت خبرن جي ترديد ڪندي چيو تھ ھُو مڪمل طور تي صحتمند آھن ۽ چين جي دوري تي بھ ويو ھو. ھن پيڪا ايڪٽ جو حوالو ڏيندي چيو تھ ان قانون جو مقصد ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا جي روڪٿام آھي تھ جيئن معاشري ۾ گمراھ ڪندڙ مواد جي ڦھلاءُ کي روڪي سگھجي ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ فريال ٽالپور گھرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن آھي ۽ ھُن منشيات جي خلاف سخت ڪاررواين جي ھدايت ڏني آھي.  ھن چيو تھ سنڌ حڪومت منشيات جي مڪمل خاتمي جي لاءِ اثرائتا قدم کڻي رھي آھي ۽ اُن سلسلي ۾ زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي، گھڻي ڀاڱي سرڪاري اجلاسن ۾ منشيات بابت سمورا تفصيل کليل نموني سامھون ناھن ايندا، حڪومت ھن مسئلي کي سنجيدگي سان وٺي رھي آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو تھ سنڌ ۾ ٻين علائقن جي مقابلي ۾ ميڊيا کي وڌيڪ آزادي حاصل آھي، جڏھن تھ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي حلقن پاران  عدالت کان مختلف رايا سامھون ايندا رھندا آھن. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ جيڪڏھن ڪنھن کي پبلڪ سروس ڪميشن بابت شڪايت آھي تھ اھو شاھدين سميت لاڳاپيل فورم تي رجوع ڪري، حڪومت ھر جائز شڪايت تي ڪارروائي ڪندي.  ھن واضح ڪيو تھ ڪنھن آفيسر جو پٽ جيڪڏھن آفيسر بڻجي وڃي ٿو تھ اھو ڪو ڏوھ ناھي، ڇاڪاڻ تھ والدين پنھنجن ٻارن جي بھترين تعليم ۽ تياري فراھم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جيڪڏھن ڪنھن کي ڪنھن بھ قسم جي بي ضابطگي جو شڪ آھي تھ اھو ثبوتن کي سامھون آڻي، ڪارروائي ضرور ڪئي ويندي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو تھ ڪنھن چيو تھ اسان گاھ کائينداسين پر ايٽم بم ٺاھينداسين، ملڪ جي ٻچي ٻچي کي معلوم آھي تھ پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالوجي شھيد بي بي ڏني، پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي تاريخي قربانين ۽ ڪاوشن جو نتيجو آھي ۽ ھي سمورا قدم پاڪستان جي مفاد ۾ کنيا ويا.

مزید خبریں