لاڙڪاڻو - 14 مئي (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور-ڪنڌڪوٽ مسرور احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي ۽ سوشيو-پوليٽيڪل ڊومين جي گڏيل گڏجاڻي منعقد ٿي.گڏجاڻي ۾ ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي عملدارن، ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز جي نمائندن، جينڪو، پارڪو ۽ پي پي ايل جي …
ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 14 مئي (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور-ڪنڌڪوٽ مسرور احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي ۽ سوشيو-پوليٽيڪل ڊومين جي گڏيل گڏجاڻي منعقد ٿي.گڏجاڻي ۾ ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي عملدارن، ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز جي نمائندن، جينڪو، پارڪو ۽ پي پي ايل جي آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي ۾ پوليس، ايڪسائيز، ڳجهن ادارن جا سربراهه، خوراڪ، زراعت، توانائي، ليبر، سوشل ويلفيئر، وومين ڊولپمينٽ، اوقاف ۽ زڪوات سميت لاڳاپيل کاتا شامل آهن.هن چيو ته ڪميٽي جو مقصد غير قانوني ۽ نان ڪسٽم پيڊ شين جي روڪٿام، اينٽي انڪروچمينٽ، غيرقانوني پيٽرول پمپن جي خلاف ڪارروائي، غير ملڪي ماڻهن جي نشاندهي، ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز جي ڪارڪردگي جي نگراني ۽ غير قانوني سرگرمين جو خاتمو آهي.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته عوامي رابطن کي مضبوط ڪيو وڃي، خاص طور تي نوجوانن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي ته جيئن مقامي سطح تي بهتر طرزِحڪمراني ممڪن ٿي سگهي.سوشيو-پوليٽيڪل ڊومين جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته تعليمي بهتري ۽ آگاهي لاءِ سيمينار، ورڪشاپون ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪيا وڃن ته جيئن شاگردن، استادن ۽ والدين ۾ تعليم جي اهميت اجاگر ٿي سگهي.ساڳئي نموني وومين ڊولپمينٽ سينٽر ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڏني وئي ته عورتن جي حقن، تحفظ ۽ هراسان ڪرڻ جهڙن مسئلن تي آگاهي پروگرامن ۽ سيمينارن جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن عورتن ۾ پنهنجي قانوني ۽ سماجي حقن بابت شعور پيدا ٿئي.ڪچي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ سرڪاري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ پي پي ايڇ آئي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته ڪنڌڪوٽ تعلقي جي ڏورانهن علائقن ۾ ڪشمور جيان ميڊيڪل ۽ ويٽرنري ڪئمپون قائم ڪيون وڃن، ته جيئن عوام کي بنيادي طبي سهولتون سندن دروازي تي ملي سگهن ۽ وڌ کان وڌ ماڻهو انهن مان فائدو حاصل ڪن.











