ڊپٽي ڪمشنر قمبر/شهدادڪوٽ پاران وارهه شهر ۾ بند پيل پبلڪ لائبريري جو دورو، لائبريري فوري طور کولڻ جي هدايت

لاڙڪاڻو - 14 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر  قمبر/شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق وارهه شهر ۾ بند پيل پبلڪ لائبريري جو دورو ڪيو  ۽ ساڳئي ڏينهن هن عوام جي فائدي لاءِ ان کي فوري طور کولڻ جو حڪم پڻ ڏنو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ اتي موجود اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگز ڊپارٽمينٽ کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته لائبريري جو باقي ڪم 2 ڏينهن اندر هنگامي بنيادن تي …

لاڙڪاڻو – 14 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر  قمبر/شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق وارهه شهر ۾ بند پيل پبلڪ لائبريري جو دورو ڪيو  ۽ ساڳئي ڏينهن هن عوام جي فائدي لاءِ ان کي فوري طور کولڻ جو حڪم پڻ ڏنو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ اتي موجود اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگز ڊپارٽمينٽ کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته لائبريري جو باقي ڪم 2 ڏينهن اندر هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن شهري خاص طور تي شاگرد ۽ پڙهندڙ ان سهولت مان مڪمل فائدو حاصل ڪري سگهن.ان کان علاوه لائبريري جي عمارت ٽائون انتظاميه وارهه جي حوالي ڪئي وئي. چيئرمين ٽائون ڪاميٽي وارهه لائبريري ٻيهر کولڻ جي عمل ۾ پڻ سهڪار ڪيو.

مزید خبریں