ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي صدارت ۾ پوليو مهم ۽ گذريل اين آءِ ڊيز جي ڪارڪردگيءَ بابت گڏجاڻي

قمبر شهدادڪوٽ- 14 مئي(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران مشتاق شيخ جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ 18 مئي کان 21 مئي 2026ع تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۽ گذريل اين آءِ ڊيز جي ڪارڪردگيءَ بابت گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ضلعي جي سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر قمبر ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو سميت ٻين سرڪاري کاتن جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر فريد لاڙڪ …

قمبر شهدادڪوٽ- 14 مئي(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران مشتاق شيخ جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ 18 مئي کان 21 مئي 2026ع تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۽ گذريل اين آءِ ڊيز جي ڪارڪردگيءَ بابت گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ضلعي جي سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر قمبر ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو سميت ٻين سرڪاري کاتن جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر فريد لاڙڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته ھر تعلقي اندر ٽيمون مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ويڪسين ڪنديون جنهن جي نگراني تعلقي جا اسسٽنٽ ڪمشنر  ۽ صحت کاتي جا آفيسر گڏجي ڪندا آهن ته جيئن ھن مهم کي ڪامياب بڻائي سگهجي.ھي پوليو ويڪسينيشن مهم 18 کان 21 مئي 2026ع تائين سڄي ضلعي ۾ جاري رھندي. جنهن ۾ 5 سالن تائين جي عمر وارن ٻارڙن کي ھن  مهم دوران پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران مشتاق شيخ ڳالھائيندي چيو ته پوليو مطلب ھميشه لاءِ معذوري ان لاءِ ھر ٻار کي ھر دفعي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پياري پنهنجي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي ھن موذي مرض کان بچايو. ھن وڌيڪ چيو ته عوام پنهنجي ٻارن کي ھر مهم ۾ پوليو کان بچاءُ ۽ ٻيا حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳرائي. ان کان علاوه ھن پوليو تعلقا فوڪل پرسنز کي ھدايتون ڏيندي چيو ته ھر تعلقا پرسن پنهنجي پنهنجي تعلقن جي ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪري پنهنجي علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن سان رابطو ڪري ھن مھم کي ڪامياب بڻائين. ھن مھم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪندڙن کي ھر گز برداشت نه ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته ھن مھم جي نگراني مان پاڻ ڪندس ۽ جتي به انڪاري ڪيس آهن انهن کي مهم دوران ھر صورت ختم ڪيو وڃي. ھن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي اھي به ھدايتون ڏنيون ته پوليو ٽيمن کي گرمي ۽ ھيٽ ويو کان بچاء لاءِ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي ۽ ٻيا ضروري انتظام ڪري ڏين ته جيئن کين ڪا به تڪليف درپيش نه اچي. ھن چيو ته پوليو تي اسان جو خاص ڌيان آهي ۽ اھو قومي ڪاز آهي جنهن تي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ مان پوليو جو خاتمو ٿي سگهي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو ، ( SRSO)، پي پي ايڇ آء، ايجوڪيشن، سميت سڀني لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران مشتاق شيخ ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر قمبر ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري مھم جو افتتاح ڪيو.

مزید خبریں