پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ون ڊي سيريز جي ميچ آفيشلز جو اعلان، سيريز جون ميچون 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون

لاهور-14 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچن جي  سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي. سيريز جون ميچون 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون. سريلنڪا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر گريم لا بروئي ٽنهي ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ ريفري جا فرض سرانجام ڏيندو. آءِ سي سي ايليٽ پينل جو احسن رضا، رچرڊ ڪيٽلبرو ۽ ڪمار …

لاهور-14 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچن جي  سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي. سيريز جون ميچون 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون. سريلنڪا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر گريم لا بروئي ٽنهي ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ ريفري جا فرض سرانجام ڏيندو. آءِ سي سي ايليٽ پينل جو احسن رضا، رچرڊ ڪيٽلبرو ۽ ڪمار ڌرما سينا سيريز ۾ آن فيلڊ امپائرنگ ڪندا. راولپنڊي ۾ 30 مئي تي کيڏجندڙ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ ڪمار ڌرما سينا سان گڏ آصف يعقوب آن فيلڊ امپائر هوندا. آصف يعقوب آءِ سي سي ايمرجنگ امپائرز پينل جو حصو هوندو. لاهور قذافي اسٽيڊيم ۾ 2 جون تي ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ فيصل خان آفريدي ۽ رچرڊ ڪيٽلبرو آن فيلڊ امپائرنگ جا فرض سر انجام ڏيندا. فيصل خان آفريدي آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل آف امپائرز جو ميمبر آهي. لاهور ۾ 4 جون تي ٽين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ احسن رضا ۽ ڪمار ڌرما سينا آن فيلڊ امپائرز  هوندا جڏهن ته آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل جو ميمبر ناصر حسين فورٿ امپائر جا فرض سر انجام ڏيندو.

مزید خبریں