سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پِپس) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي، جيڪو اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. سنڌ اسيمبلي جي ترجمان موجب اجلاس جي صدارت سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ پِپس جي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پنجاب …

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پِپس) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي، جيڪو اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. سنڌ اسيمبلي جي ترجمان موجب اجلاس جي صدارت سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ پِپس جي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق خان سميت بورڊ آف گورنرز جي ٻين ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پارلياماني ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، قانونسازن جي سگهه وڌائڻ ۽ جمهوري ادارن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. ايجنڊا ۾ مالي سال 2025-26ع جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن، مالي سال 2026-27ع جي تجويز ڪيل بجيٽ، بزنس پلان 2026-27ع، نون چونڊيل ميمبرن لاءِ پارلياماني ليڊرشپ ڪورس، پِپس جي سالياني رپورٽ 2024-25ع ۽ پِپس ايمپلائيز رولز 2010ع تحت ريگيولرائيزيشن بابت آڊٽ اعتراضن تي غور شامل هو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته پارلياماني تحقيق، قانونسازي بابت تربيت ۽ جمهوري ادارن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن سان ملڪ ۾ پارلياماني نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن قانونسازن ۽ پارلياماني آفيسرن جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ واڌاري لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس مختلف ايجنڊا نقطن تي غور، بحث ۽ ووٽنگ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتو.

مزید خبریں