سنڌ حڪومت پاران اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ 2026ع تائين ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن لاءِ گرمين جي موڪلن جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ تعليمي سيشن 27-2026ع لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ايندڙ سمورن تعليمي ادارن ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون 2026ع کان شروع …

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن لاءِ گرمين جي موڪلن جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ تعليمي سيشن 27-2026ع لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ايندڙ سمورن تعليمي ادارن ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون 2026ع کان شروع ٿي 31 جولاءِ 2026ع تائين جاري رهنديون. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو فيصلو 12 فيبروري 2026ع تي ٿيل اسٽيئرنگ ڪميٽي آن ايجوڪيشن جي اجلاس ۾ ڪيل سفارشن جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي پاران 13 مئي 2026ع تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جون ڪاپيون سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽرين سميت لاڳاپيل اختيارين ۽ تعليمي بورڊن جي چيئرمينن ڏانهن وڌيڪ ڪارروائي لاءِ موڪليون ويون آهن.

مزید خبریں