سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران بنيادي سنڌي سکيا جي ٻين بيچ لاءِ داخلائون شروع

حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن لاءِ هڪ مھيني جي بنيادي سنڌي سکيا مرڪز شھيد بينظير آباد ۾ پھرين بيچ جي ڪاميابي کانپوءِ ٻين بيچ لاءِ داخلائون شروع ٿي ويون. اداري جي ترجمان پاران سنڌي سکيا جي خواهشمند استادن ۽ شاگردن کي آگاهي ڏيندي چيو ويو آهي ته 15 مئي کان شروع ٿيندڙ ٻين بيچ لاءِ …

حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن لاءِ هڪ مھيني جي بنيادي سنڌي سکيا مرڪز شھيد بينظير آباد ۾ پھرين بيچ جي ڪاميابي کانپوءِ ٻين بيچ لاءِ داخلائون شروع ٿي ويون. اداري جي ترجمان پاران سنڌي سکيا جي خواهشمند استادن ۽ شاگردن کي آگاهي ڏيندي چيو ويو آهي ته 15 مئي کان شروع ٿيندڙ ٻين بيچ لاءِ رجسٽريشن هلندڙ آهي. رجسٽريشن لاءِ ڪا به فيس نه ورتي ويندي، جڏهن ته سنڌي سکيا ڪورس جو نصاب پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران مفت ڏنو ويندو. خواهشمند پنهنجي رجسٽريشن ذريعي داخلا ڪرائي سگهن ٿا. بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ شھيد بينظير آباد ۾ قائم سنڌي سکيا مرڪز جو افتتاح اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻي، شھيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي، يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر لياقت علي زرداري، سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر امير علي شاهه ۽ ٻين 16 اپريل تي ڪيو هو. هڪ مھيني جو ڪورس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻي بيچ لاءِ ڪلاس 15 مئي کان شروع ڪيا ويندا جنھن لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں