لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻو جي ڪنسلٽنٽ سيد شڪيل حيدر چيو آهي ته جنهن سماج ۽ ادارن ۾ عورتن کي اهميت ۽ تحفظ نه ٿو ڏنو وڃي ان اداري ۽ سماج کي تهذيب يافته نه ٿو چئي سگھجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيبيسٽ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ۾ محتسب اداري طرفان عورتن کي هراسمينٽ کان بچڻ بابت آگاهي سيمينار کي …
جنهن سماج ۽ ادارن ۾ عورتن کي اهميت ۽ تحفظ نه ٿو ڏنو وڃي ان اداري ۽ سماج کي تهذيب يافته نه ٿو چئي سگھجي: سيد شڪيل حيدر

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻو جي ڪنسلٽنٽ سيد شڪيل حيدر چيو آهي ته جنهن سماج ۽ ادارن ۾ عورتن کي اهميت ۽ تحفظ نه ٿو ڏنو وڃي ان اداري ۽ سماج کي تهذيب يافته نه ٿو چئي سگھجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيبيسٽ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ۾ محتسب اداري طرفان عورتن کي هراسمينٽ کان بچڻ بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪا به قوم ايستائين ترقي نه ڪري سگھندي جيستائين انهن جون عورتون تعليم يافته نه آهن ۽ شعور نه ٿيون رکن، ڇاڪاڻ ته دين اسلام به عورتن توڙي مردن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ محنت ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اهو پڻ چيو آهي ته پنهنجي محنت جي نتيجي ۾ پنهنجي مالي وسيلن آهر خرچ ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ عورتن کي ملازمت دوران پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ پنهنجي اهميت کي برقرار رکڻ گھرجي ۽ ڪم دوران جيڪڏهن ڪو کين هراسان ڪري ته ان جي شڪايت اداري جي سربراهه يا اداري ۾ قائم ڪيل ڪميٽي اڳيان ڏيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته سماج ۾ عورتن توڙي مردن جا برابر حق آهن. هن چيو ته ادارن توڙي عام زندگيءَ ۾ عورتون مردن جي برابر ڪم ڪن ٿيون ۽ بهتر خدمتون سرانجام ڏين ٿيون ۽ خاص طور تي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون صبر ۽ همٿ سان ڪم ڪن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجون گھريلو ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته عورتون ٻين ميدانن خاص طور تي واپار، معاشي ميدان ۾ هڪ مضبوط ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان لاءِ بهتر کان بهتر ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته محتسب ادارو ان سلسلي ۾ عام ماڻهن توڙي عورتن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ سيمينار منعقد ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ تعليم ۽ سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي شعور ڏيڻ لاءِ اهڙي قسم جا سيمينار ۽ پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا.










