حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) حيدرآباد پوليس اسلام آباد ۾ جي اليون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري قاسم آباد جي علائقي ۾ اڍائي مهينا اڳ ۾ قتل ٿيل ڪاشف قائمخاني ( ڪاشف باغي) جي قتل واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار آفاق کي گرفتار ڪري ورتو آهي. حيدرآباد پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار کي اسلام آباد کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو اهو …
اڍائي مهينا اڳ قاسم آباد ۾ قتل ٿيل نوجوان ڪاشف قائمخاني جي قتل ۾ گهربل مُک جوابدار اسلام آباد مان گرفتار، حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

مزید خبریں
حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) حيدرآباد پوليس اسلام آباد ۾ جي اليون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري قاسم آباد جي علائقي ۾ اڍائي مهينا اڳ ۾ قتل ٿيل ڪاشف قائمخاني ( ڪاشف باغي) جي قتل واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار آفاق کي گرفتار ڪري ورتو آهي. حيدرآباد پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار کي اسلام آباد کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته قتل ڪيس جي مُک جوابدار وليد فاروقي جي به جلد گرفتاري جي اميد آهي، ان سلسلي ۾ پوليس جي خصوصي ٽيم پاران ڪوششون ڪيون پيون وڃن.











