خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن، سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ ۽ غبن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي: صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن، سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ ۽ غبن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، جنهن دوران ڪيترن ئي آفيسرن خلاف سخت انتظامي ڪارروائيون ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب قبو سعيد خان ۾ 65 هزار 393 ڪڻڪ جي ٿيلهن جي گهوٻين تي …

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن، سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ ۽ غبن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، جنهن دوران ڪيترن ئي آفيسرن خلاف سخت انتظامي ڪارروائيون ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب قبو سعيد خان ۾ 65 هزار 393 ڪڻڪ جي ٿيلهن جي گهوٻين تي امان الله مگسي کي نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٺُل ۾ ڪڻڪ اسٽاڪ ۾ وڏي کوٽ سامهون اچڻ تي فوڊ سپروائيزر زيب علي مگسي کي پڻ ملازمت تان هٽايو ويو آهي. هن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ 10 هزار 300 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ تي ظهير احمد بروهي خلاف به برطرفي جي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دڙٻيلو ۾ 39 هزار 550 پي پي بيگز ڪڻڪ جي کوٽ تي مرتضيٰ اُنڙ کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير موجب پي آر سي مورو ۾ 6 هزار 194 پي پي بيگز ڪڻڪ جي کوٽ تي امداد علي مگسي کي پڻ فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، هن خبردار ڪيو ته 7 ڏينهن اندر جواب نه ملڻ جي صورت ۾ هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويندو. مخدوم محبوب الزمان چيو ته لاکا روڊ ۽ ڪوٽڙي ڪبير ۾ به ڪڻڪ اسٽاڪ جي کوٽ رپورٽ ٿيڻ تي نبي بخش لغاري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. لاکا روڊ تي 5 هزار 376 ۽ ڪوٽڙي ڪبير تي 5 هزار 154 پي پي بيگز ڪڻڪ جي کوٽ رپورٽ ٿي آهي. ان کان علاوه پڊعيدن، نورپور ۽ محرابپور جي آفيسرن کي به فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه جي ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي مڪمل عملدرآمد جاري آهي. سندس چوڻ هو ته خوراڪ کاتي ۾ انهن آفيسرن خلاف شوڪاز نوٽيس ڊگهي عرصي کان التوا ۾ هئا، جن تي هاڻي تيزي سان ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته خوراڪ کاتي ۾ ڪرپٽ عنصرن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ۽ سرڪاري ڪڻڪ ۾ غبن يا گهوٻيون ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيون وينديون. هن واضح ڪيو ته برطرف ڪيل ملازمن کان سرڪاري نقصان ۽ مارڪ اپ جي رقم به وصول ڪئي ويندي، جڏهن ته ذميوار عنصرن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويندا. مخدوم محبوب الزمان وڌيڪ چيو ته سرڪاري خزاني کي پهتل نقصان جي هڪ هڪ پائي وصول ڪئي ويندي ۽ سمورن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. سندس چوڻ هو ته خوراڪ کاتي ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ لاءِ نگراني ۽ اسٽاڪ ويريفڪيشن جو نظام وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي ته جيئن ڪڻڪ جي ذخيرن جي حفاظت ۽ عوام کي معياري اٽو فراهم ڪرڻ جا هدف حاصل ڪري سگهجن.

مزید خبریں