لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، مسرور احمد بجاراڻي جي صدارت ۾ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آن نيوٽريشن جو اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ سرڪاري، نجي ادارن ۽ اين جي اوز کي نيوٽريشن جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي اندر ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارا ۽ اين جي اوز گڏجي ڪم ڪن ۽ ان …
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي صدارت ۾ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آن نيوٽريشن جو اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، مسرور احمد بجاراڻي جي صدارت ۾ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آن نيوٽريشن جو اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ سرڪاري، نجي ادارن ۽ اين جي اوز کي نيوٽريشن جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي اندر ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارا ۽ اين جي اوز گڏجي ڪم ڪن ۽ ان جي ڄاڻ عوام تائين پهچائي وڃي. هن فراهم ڪيل ڊيٽا جي درستگي ۽ شفافيت تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ڊاڪٽر وويڪ پاران ڊي سي اين جي ڪردار کي اجاگر ڪندي مانيٽرنگ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. گڏجاڻي دوران غير سرڪاري ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن کي درخواست ڪئي وئي ته اهي ضلعن ۾ آگاهي مهم هلائڻ ۾ تعاون ڪن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خاص هدايتون ڏيندي چيو ته هر کاتي پاران هر مهيني جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ٿئي. فراهم ڪيل ڊيٽا جي درستگي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. نيوٽريشن پروگرام ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پرفارمنس کي بهتر ڪيو وڃي. پي پي ايڇ آءِ جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ صحت کاتي، تعليم کاتي، پي پي ايڇ آءِ، مختلف اين جي اوز ۽ ٻين ادارن جي اعليٰ نمائندن شرڪت ڪئي.










