لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پوليس جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروايون جاري آهن، ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث ٻن منشيات فروش جوابدارن مٺل عرف مٺو جتوئي ۽ اعظم جتوئي، مسلسل پوليس ڪارروائين جي نتيجي ۾ لاڳاپيل عدالتن آڏو پيش ٿي پاڻ کي قانون حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار جوابدارن ۾ عادي ڏوهاري ۽ پوليس رڪارڊ ۾ موجود …
لاڙڪاڻو پوليس جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروايون جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پوليس جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروايون جاري آهن، ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث ٻن منشيات فروش جوابدارن مٺل عرف مٺو جتوئي ۽ اعظم جتوئي، مسلسل پوليس ڪارروائين جي نتيجي ۾ لاڳاپيل عدالتن آڏو پيش ٿي پاڻ کي قانون حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار جوابدارن ۾ عادي ڏوهاري ۽ پوليس رڪارڊ ۾ موجود ماڻھو به شامل آهن. جوابدارن وٽان هٿيار، منشيات، غير قانوني پيٽرول، چنگچي رڪشا ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪيا ويا آهن. تفصيل مطابق تعلقه پوليس بابره جاگيراڻي قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ مک جوابدار عبدالرحيم جاگيراڻي کي قتل ۾ استعمال ٿيل رائفل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪنگا پوليس منشيات فروش جوابدار عبدالحق ٻگهيو کي هڪ ڪلو 80 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. رحمتپور پوليس گهربل ٻن جوابدارن ابرار ۽ حسنين ڏيٿو کي بنا لائسنس پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. وارث ڏنو ماڇي پوليس منشيات فروش شاھد ڪوڏراڻي کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 200 گرام چرس اڇلائي فرار ٿي ويل برڪت ڪوڏراڻي خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. الله آباد پوليس اعجاز ٽڳڙ نالي جوابدار کي 900 ليٽر غير قانوني پيٽرول ۽ چنگچي رڪشا سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. يونيورسٽي پوليس سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ اشتھاري جوابدار اڪرم سيهڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وليد پوليس سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث نعمان ۽ ابرار نالي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سچل پوليس چوري جي ڪيس ۾ ملوث ۽ گهربل عورت جوابدار کي چوري ٿيل سامان سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. هٽڙي غلام شاھ پوليس ايس آءِ بي سيال واري علائقي مان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ گلزار احمد جي حوالي ڪري ڇڏي آھي.









