لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر جي آفيسر انچارج ليفٽيننٽ ڪمانڊر ياسر ڪامران خواجا پاران پڌرو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان نيوي ۾ شارٽ سروس ڪميشن 2026ع لاءِ ڀرتين بابت اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق 10 مئي 2026ع کان رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي، جنهن جي انٽري ٽيسٽ پڻ ورتي ويندي، ته جيئن مقامي نوجوانن کي پاڪ نيوي ۾ شامل ٿيڻ …
پاڪستان نيوي ۾ شارٽ سروس ڪميشن 2026ع لاءِ ڀرتين بابت اشتهار جاري ڪيو ويو آهي: پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 13 مئي (اي پي پي) پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر جي آفيسر انچارج ليفٽيننٽ ڪمانڊر ياسر ڪامران خواجا پاران پڌرو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان نيوي ۾ شارٽ سروس ڪميشن 2026ع لاءِ ڀرتين بابت اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق 10 مئي 2026ع کان رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي، جنهن جي انٽري ٽيسٽ پڻ ورتي ويندي، ته جيئن مقامي نوجوانن کي پاڪ نيوي ۾ شامل ٿيڻ جا بهتر موقعا فراهم ڪري سگهجن. پاڪستان نيوي اختيارين موجب نوجوانن کي گهر جي ويجهو رجسٽريشن ۽ انٽري ٽيسٽ جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته ھو پاڪ نيوي ۾ روشن مستقبل ۽ ملڪ جي خدمت جو بهترين موقعو حاصل ڪن.










