صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي صدارت ۾ لائيواسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو اجلاس

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) لائيواسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته يورپي يونين جي هن ڀيري پاڪستان جي دوري کانپوءِ اميد آهي ته مڇيءَ جي ايڪسپورٽ تي لڳل پابندي ختم ٿي ويندي، جنهن سان اسان جي ملڪ کي پرڏيهي ناڻي جي مد ۾ ڪافي مدد ملندي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ فشريز هاربر اٿارٽي ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي هڪ …

ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) لائيواسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته يورپي يونين جي هن ڀيري پاڪستان جي دوري کانپوءِ اميد آهي ته مڇيءَ جي ايڪسپورٽ تي لڳل پابندي ختم ٿي ويندي، جنهن سان اسان جي ملڪ کي پرڏيهي ناڻي جي مد ۾ ڪافي مدد ملندي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ فشريز هاربر اٿارٽي ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي هڪ گڏيل اجلاس ۾ ڪيو. هي اجلاس يورپي يونين جي ان وفد جي حوالي سان هو، جيڪو ڪراچي فشريز هاربر ۽ ايف سي ايس جي مختلف حصن جو دورو ڪندو. اهو وفد جائزو وٺندو ته گهربل تياريون يورپي يونين جي ڏنل گائيڊ مطابق آهن يا نه. اهڙين سڀني ممڪل ٿيل تيارين کانپوءِ يورپي يونين پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان کي مڇيءَ جي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيندي. ان موقعي تي يورپي يونين جي اهڙي دوري ٿيڻ کان اڳ مختلف انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ چيئرمين ايف سي ايس فاطمه مجيد به اميد ظاهر ڪئي ته انشاءَ الله پاڪستان تان هي پابنديون ختم ٿي وينديون. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته اسان هر اها ممڪن ڪوشش ڪيون ٿا ته يورپي يونين جي اها پابندي ختم ٿئي ۽ اسان ان لاءِ ڀرپور پنهنجي تياري ڪري رهيا آهيون، هي ملڪ جي معيشت جو سوال آهي جنهن لاءِ اسان ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. اجلاس ۾ سنڌ جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، چيئرپرسن فشريز ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي زاهد حسين کيمٽيو، ڊي ايس اسٽاف محمد عمران ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں