لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ معرڪه حق جي خوشي ۾ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي

حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ معرڪه حق جي خوشي ۾ اربع جي ڏينهن هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسنگ اسٽاف ڀرپور جوش ۽ جذبي سان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ڪئي، اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر قمر الدين ميمڻ ۽ اي ايم ايس ايڊمن ڊاڪٽر ظفر ميمڻ، ڊاڪٽر نعيم احمد …

حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ معرڪه حق جي خوشي ۾ اربع جي ڏينهن هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسنگ اسٽاف ڀرپور جوش ۽ جذبي سان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ڪئي، اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر قمر الدين ميمڻ ۽ اي ايم ايس ايڊمن ڊاڪٽر ظفر ميمڻ، ڊاڪٽر نعيم احمد ميمڻ ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن قومي يڪجهتي، امن ۽ استحڪام ۽ فوج جي حق ۾ زوردار نعرا لڳايا. مقررن معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان جي فوج، دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جا جهاز ڪيرايا، جنهن کي پوري دنيا ڏٺو ۽ پاڪ فوج جي صلاحيتن کي تسليم ڪيو. هنن چيو ته اسان سڀ پاڪستاني هئڻ جي حيثيت ۾ پاڪ فوج جي هر اهڙي قدم کي ساراهيون ٿا ۽ ان سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا رهنداسين ۽ انشاءَ الله پاڪستان ڏينهن قيامت تائين قائم ۽ دائم رهندو.

مزید خبریں