سنڌ جي وڏي وزير سان برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي الوداعي ملاقات

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ترقياتي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي ۽ …

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ترقياتي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي ۽ مضبوط آهن، جڏهن ته لانس ڊوم سنڌ ۽ برطانيا وچ ۾ لاڳاپن جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وڏي وزير برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت برطانيا سان واپار، تعليم ۽ ترقياتي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سنڌ حڪومت ۽ خاص طور وڏي وزير جي سهڪار تي ٿورا مڃيا ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي مقرري دوران مليل سهڪار کي ساراهيو. هن سنڌ ۾ جاري ترقياتي قدمن کي پڻ واکاڻيو. ملاقات جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم کي شيلڊ، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

مزید خبریں