ٻوٽن جي صحت خوراڪ، ماحول ۽ معيشت جي تحفظ جي ضامن آهي، صحتمند ٻوٽا محفوظ خوراڪ ۽ بهتر مستقبل جو بنياد آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوٽن جي صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ٻوٽن جي صحت خوراڪ، ماحول ۽ معيشت جي تحفظ جي ضامن آهي، جڏهن ته صحتمند ٻوٽا محفوظ خوراڪ ۽ بهتر مستقبل جو بنياد آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت زرعي شعبي جي ترقي ۽ فصلن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي …

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوٽن جي صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ٻوٽن جي صحت خوراڪ، ماحول ۽ معيشت جي تحفظ جي ضامن آهي، جڏهن ته صحتمند ٻوٽا محفوظ خوراڪ ۽ بهتر مستقبل جو بنياد آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت زرعي شعبي جي ترقي ۽ فصلن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ زرعي پيداوار کي نقصان پهچائيندڙ ڪيڙن ۽ بيمارين کان بچاءَ لاءِ جديد قدم کنيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته زرعي ترقي لاءِ ٻوٽن جي صحت جو تحفظ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته مضبوط زراعت سان نه رڳو خوراڪ جي فراهمي بهتر بڻجي ٿي، پر معيشت پڻ مستحڪم ٿئي ٿي. هن ماحولياتي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته وڻ لڳائڻ ۽ ٻوٽن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائين ۽ ٻوٽن جي سنڀال ذريعي ماحول جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں