سنڌ جي وڏي وزير جو 12 مئي 2007ع واري ڪراچي سانحي تي خاص پيغام

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 12 مئي 2007ع واري ڪراچي سانحي تي پنهنجي پيغام ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته 12 مئي جهڙا واقعا انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳا آهن، جن سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ڏک ۾ مبتلا ڪيو. وڏي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 12 مئي سانحي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي قربانين کي هميشه …

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 12 مئي 2007ع واري ڪراچي سانحي تي پنهنجي پيغام ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته 12 مئي جهڙا واقعا انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳا آهن، جن سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ڏک ۾ مبتلا ڪيو. وڏي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 12 مئي سانحي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته ماضي جي اهڙن افسوسناڪ واقعن مان سبق سکي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا سانحا ٻيهر پيش نه اچن. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي قيام، ڀائيچاري ۽ رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت پرعزم آهي. هن زور ڀريو ته سموري سماج کي گڏجي امن، اتحاد ۽ هم آهنگي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن سنڌ کي پرامن ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي.

مزید خبریں