سنڌ جي وڏي وزير پاران انٽرنيشنل نرسز ڊي جي موقعي تي سڄي صوبي جي نرسن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انٽرنيشنل نرسز ڊي جي موقعي تي سڄي صوبي جي نرسن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته نرسون انسانيت جي خدمت، ايثار ۽ همدرديءَ جو روشن مثال آهن، جيڪي صحت جي شعبي ۾ انتهائي اهم ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته مريضن جي سارسنڀال ۾ نرسون فرنٽ …

ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انٽرنيشنل نرسز ڊي جي موقعي تي سڄي صوبي جي نرسن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته نرسون انسانيت جي خدمت، ايثار ۽ همدرديءَ جو روشن مثال آهن، جيڪي صحت جي شعبي ۾ انتهائي اهم ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته مريضن جي سارسنڀال ۾ نرسون فرنٽ لائن هيروز وارو ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ انهن جي خدمتن کانسواءِ صحت جو نظام مڪمل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته نرسن هر ڏکئي وقت ۾، خاص طور وبائي مرضن ۽ هنگامي حالتن دوران مثالي خدمتون سرانجام ڏئي قوم جي دلين ۾ عزت ماڻي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مريضن جي سارسنڀال ۾ نرسن جو ڪردار صحتمند سماج جو بنياد آهي ۽ قوم سندن خدمتن ۽ قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته انٽرنيشنل نرسز ڊي انسانيت جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم ماڻهن کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جيڪي بنا ڪنهن فرق جي ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نرسن لاءِ بهتر ماحول، جديد تربيت ۽ وڌيڪ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن هو پنهنجي پيشيوراڻين ذميوارين کي وڌيڪ بهتر نموني نڀائي سگهن. آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير صحت واري شعبي سان لاڳاپيل سڀني نرسن کي ڀيٽا پيش ڪندي کين انٽرنيشنل نرسز ڊي جون واڌايون پڻ ڏنيون.

مزید خبریں