ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) يونيورسٽين ۽ بورڊز کاتي، مختلف تعليمي بورڊن ۾ چيئرمينن جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن جاري نوٽيفڪيشن مطابق ڊاڪٽر آصف علي ميمڻ کي چيئرمين تعليمي بورڊ حيدرآباد جي اضافي چارج حوالي ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر آصف علي ميمڻ چيئرمين تعليمي بورڊ شهيد بينظير آباد سان گڏ حيدرآباد بورڊ جون ذميواريون به سنڀاليندو. مشرف علي راجپوت چيئرمين سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ڪراچي …
سنڌ جي مختلف تعليمي بورڊن جي چيئرمينن جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري

مزید خبریں
ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) يونيورسٽين ۽ بورڊز کاتي، مختلف تعليمي بورڊن ۾ چيئرمينن جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن جاري نوٽيفڪيشن مطابق ڊاڪٽر آصف علي ميمڻ کي چيئرمين تعليمي بورڊ حيدرآباد جي اضافي چارج حوالي ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر آصف علي ميمڻ چيئرمين تعليمي بورڊ شهيد بينظير آباد سان گڏ حيدرآباد بورڊ جون ذميواريون به سنڀاليندو. مشرف علي راجپوت چيئرمين سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. مشرف علي راجپوت کي چيئرمين سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ سان گڏوگڏ ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي.











